ابوالحسن مسعودي

ابوالحسن مسعودي: مسعودي جو نالو علي بن حسين بن علي، ڪنيت ابو الحسن ۽ وطن بغداد ھو ۽ جيئن ته مشھور اصحابي حضرت عبدالله بن مسعود رضھ سان سندس خانداني سلسلو ملي ٿو، انهيءَ نسبت سان مسعودي چوائيندو ھو. ھيءُ ھڪ بلند پايي جو مورخ، جاگرافي نويس ۽ سياح جي حيثيت سان مشھور آھي. ھن پنھنجي عمر جا 55 سال سير و سياحت ۾ گذاريا. ھن پنھنجي وطن بغداد کان سفر شروع ڪيو ۽ عراق، شام، آرمينيا، روم، (ايشيائي ڪوچڪ) آفريڪا، سوڊان ۽ حبش کان سواءِ چين، تبت، ھندستان ۽ سريلنڪا به آيو ۽ اتان ڪن ملڪن جي درياھن جو به سير ڪيو. هن جيڪي ڪم تاريخي ۽ جاگرافيائي معلومات لاءِ تحرير ڪيا آھن، اھي ھن کان پھريائين جاگرافيائي نويسن جي لکڻين ۾ نٿا ملن. ھن جي متعدد ۽ ضخيم ڪتابن مان فقط ٻه تاريخي ڪتاب موجود آھن. ”مروج الذھب و معدن الجواھر“ ۽ ”التنبيھ والا شراف“. مروج الذھب نھايت معلوماتي ۽ مفيد تصنيف آھي. اگرچه اھو اسلامي تاريخ جو ڪتاب آھي مگر ھن جي مقدمي ۾ دنيا جي سڀني قومن جي تاريخ آھي. انهيءَ سلسلي ۾ ھندستان جو ذڪر ۽ ھتان جي شھرن ۽ درياھن جي متعلق ھن ۾ مفيد معلومات موجود آھي. مسعوديءَ اھو ڪتاب سير و سياحت ختم ڪري سنه 332هه مطابق 943ع ۾ لکيو ۽ اھو ڪتاب مصر مان گهڻائي دفعا ۽ پيرس مان 9 جلدن ۾ 1871ع ۾ فرينچ ترجمي سان شايع ٿيو آھي. ٻئي ڪتاب ۾ به ھندستان متعلق ڪجهه جغرافيائي معلومات آھي ۽ اھو لنڊن مان 1894ع ۾ شايع ٿيو آھي(Earrade Vaux) انهيءَ جو فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪيو آھي. آخري عمر ۾ مسعوديءَ مصر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي سنه 345هه/956ع ۾ فسطاط آيو ۽ 346هه/ 957ع ۾ اتي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو